Saturday 4 November 2023

Sindhi For Class X - Chapter No.1: حجته الوداع وارو خطبو - Questions And answers

Go To Index

سبق نمبر 1: حجته الوداع وارو خطبو
مشقي سوال 
و جواب


سوال نمبر ۱:- پاڻ سڳورن صلي الله عليه واله وسلم آخري حج ڪھڙي ھجري ۾ ڪرڻ فرمايو؟
جواب: پاڻ سڳورن صلي الله عليه واله وسلم آخري حج ھجري ڏھين سال جي ذوالحج مھيني ۾ ھڪ لک چاليھه ھزار مسلمانن جي جماعت سان ادا ڪرڻ فرمايو.

سوال نمبر ۲:- ھن حج کي ،حجته الوداع، ڇو ٿو چيو وڃي؟
جواب :- ھن حج کي ،حجته الوداع، ان ڪري ٿو چيو وڃي جوھي حج پاڻ سڳورن صلي لله عليه واله وسلم جي حياتي مبارڪ جو پھريون ۽ آخري حج ھو.

سوال نمبر ۳: پاڻ سڳورن حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم اسلامي برادري بابت ڪھڙو ارشاد فرمايو؟
جواب: پاڻ سڳورن حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم اسلامي برادري بابت ارشاد فرمايو ته "اڄ کان پوءِ عربيءَ کي عجمي تي ۽ عجمي کي عربيءَ تي ڪا به فضيلت ڪا نه آھي. سڀ انسان آدم جو اولاد آھن آدم کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ويو. ھر ڪو مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آھي ۽ سڀ مسلمان ھڪ برادري آھن."

سوال نمبر ۴: نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جن زالن، ٻارن، يتيمن ۽ مسڪينن واسطي ڪھڙيون نصيحتون ڪرڻ فرمايو؟
جواب: نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جن زالن، ٻارن، يتيمن ۽ مسڪينن واسطي اھڙيون نصيحتون ڪرڻ فرمايو ته " زالن سان عدل ۽ سندن حقن جي حرمت، ٻارن سان شفقت، يتيمن سان مھرباني ۽ مسڪينن جي سنڀال جو تاڪيد ڪيائون."




No comments:

Post a Comment