Search This Blog

Wednesday, 11 September 2019

Chapter No.7: مائي خيري - Questions And Answers - Sindhi For Class X

Go To Index
سبق نمبر 7: مائي خيري
مشقي سوال جواب

 هيٺين سوالن جا جواب ڌیو:

سوال نمبر ۱: مائي خيريءَ جي حياتيءَ جو مختصر احوال بڌایو؟
جواب: مائي خيري جو اصل نالو بيبي خير النساء هو. هيءَ مير صوبدار خان شهيد جي راڻي هئي. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ ايترا ته خير جا ڪم ڪیا جو کیس سڀ سڏایندا ئي "مائي خيري" هئا.
هوءَ نهایت رحمدل ۽ نيڪ هئي. هن کي خيرات ڪرڻ ۾ ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. هن کي معذور ۽ بيوھ عورتن لاءِ ماهوار وظيفا مقرر ڪيا. دولت هوندي به پاڻ سادگي پسند ڪندي هئي. غريبن سان گڏ ويهڻ ۾ کيس پنهنجي اميري ۽ وڏ ماڻهپي جو ڪڏهن به خیال ڪو نہ ٿيندو هو. ھن ڪيتريون ئي مسجدون ۽ مدرسا ٺهرايا. مدرسي جي معلمن جو سمورو خرچ پاڻ ڀريندي هئي.
هي نيڪو ڪار بي بي پهرين ماه رمضان المبارك سن ١٢٧٢ھ جي اڌيءَ رات جو ھن فاني دنيا مان رحلت ڪري ويئي. كيس هالا جي ڀرسان خداآباد ۾ دفنايو ويو.
يا
جواب: مائي خيري مير صوبدار خان شهيد جي راڻي هئي. سندس اصل نالو بيبي خير النساء هو. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ ايترا ته خير جا ڪم ڪیا جو کیس سڀ سڏایندا ئي "مائي خيري" هئا. هن کي خيرات ڪرڻ ۾ ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. سندس خير جا دروازا ھر وقت مسڪينن لاءِ کليل رھندا ھئا. سندس وفات ١٢٧٢هـجري ۾ ٿي ۽ مقبرو خداآباد ۾آھي.
يا
جواب: مائي خيري سخي ۽ دريا دل عورتن مان ھڪ ھئي. ھن جو اصل نالو بيبي خير النساء هو. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ گھڻا خير جا ڪم ڪیا. انڪري ھن کي سڏایندا ئي "مائي خيري" هئا.
هو نندي پڻ کان ذهين ۽ هوشيار هئي. ٿوري ئي وقت ۾ قرآن شريف پورو ڪري پوءِ فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ چڱي لياقت حاصل ڪيائين. ديني تعليم سان محبت ۽ علم پڙائڻ جو شوق ھيس. غريبن، مسڪينن، بيواھن، ٻُڍڙين ۽ معذورن جي گھر وڃي مدد ڪندي ھئي.
مسجدون ۽ مدرسا ٺهرايا، شاگردن ۽ معلمن جو سڄو خرچ ادا ڪرڻ، قرضدارن جا قرض ادا ڪرڻ، غريبن ۽ نادارن کي شادي مُراديءَ مهل مدد ڪرڻ، لاوارثن جي کفن دفن جو انتظام ڪرڻ وغيره ۽ ٻین اهڙن ڀلي جي ڪمن جو خاص خیال هوندو هئس.
سندس زندگي تمام سادي ھئي. پهرين ماه رمضان المبارك سن ١٢٧٢ھ ۾ وفات ڪئي. كيس هالا جي ڀرسان خداآباد ۾ دفنايو ويو.

سوال نمبر ۲: مائي خيري ڪھڙا ڪھڙا خير جا ڪم ڪيا؟
جواب: مائي خيري بي شمار خير جا ڪم ڪيا جھڙوڪ:
  • مائي خيري ٻڍرين ، معذور ۽ بيواھ عورتن لاءِ ماهوار وظيفا مقرر ڪرڻ.
  • خيرات ڪرڻ
  • ھن مسجدون۽ مدرسا ٺهرائڻ ۽ کوھ کوٽائڻ.
  • قرض دارن جا قرض ادا ڪيائين.
  • شاگردن جي کاڌي پيتي،ڪپڙي لٽي جو انتظام ڪيو.
  • مدرسي جي معلمن ۽ سندن ڪٽبن جو سمورو خرچ ۽ طالب علمن جو کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو۽ ٻيو خرچ وغيره سڀ پاڻ ادا ڪندي ھئي.
  • غريبن و نادارن جي شادي مهل مدد كرڻ ۽ لاوارثن جي کفن دفن جو انتظام ڪيائين.
اهڙن ٻین ڀلي جي ڪمن جو سندس خاص خیال هوندو هئس.

سوال نمبر ۳: حیدرآباد ۾ سندس ڪهڙو یادگار آهي؟
جواب: مائي خيري جو حیدرآباد ۾ مشهور یادگار "قبائین مسجد" ڳا "مائي خيري واري مسجد" آهي جيكا فقير جي پڙ ۾ اڄ به موجود آهي.
يا
جواب: حیدرآباد ۾ "قبائین مسجد" ڳا "مائي خيري واري مسجد" سندس یادگار موجود آهي.
يا
جواب: حیدرآباد ۾ سندس یادگار فقير جي پڙ ۾ ھڪ "قبائین مسجد" ڳا "مائي خيري واري مسجد" آهي.

سوال نمبر ۴: سرنديءَ وارن مردن خواھ عورتن کي سندس حياتيءَ مان ڪهڙو سبق سکڻ گهرجي؟
جواب: سرنديءَ وارن مردن خواھ عورتن کي سندس حياتيءَ مان اهو سبق سکڻ گهر جي ته ھو به پنھنجي حياتيءَ ۾ هو اهڙا نيڪ ۽ ڀلائي جا ڪم ڪن جو مرڻ بعد سندن نيڪ نامي ٿئي.
يا
جواب: سرنديءَ وارن مردن خواھ عورتن کي سندس حياتيءَ مان اهو سبق سکڻ گهر جي ته حياتيءَ ۾ هو اهڙا ڪم ڪن جو مرڻ بعد سندن نيڪنامي ٿئي.
يا
جواب: سرنديءَ وارن مردن خواھ عورتن کي سندس حياتيءَ مان نيڪي، سخاوت ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ جو سبق سکڻ گهر جي جو مرڻ بعد سندن نيڪنامي ٿئي.

سوال نمبر ۵: مائي خيريءَ كڏهن وفات ڪئي؟
جواب : مائي خيري تاريخ پهرين ماه رمضان المبارڪ سن ۱۲۷۲هجري (1272 ھ) جي آڌيءَ رات جو هن فاني دنيا مان رحلت ڪري وئي.
يا
جواب : مائي خيري تاريخ پهرين ماه رمضان المبارڪ سن ۱۲۷۲هجري (1272 ھ) ۾ آڌيءَ رات جو وفات ڪئي.

سوال نمبر ۶: سندس مقبرو ڪٿي آهي؟
جواب: سندس (مائي خيري) مقبرو "هاله" جي ڀرسان هڪ ڳوٽ خدا آباد ۾ آهي.
يا
جواب : هيءَ نيڪو ڪاربيبي مائي خيري جو مقبرو ضلعي مٽياري جي مشهور شهر "هاله" جي ڀرسان هڪ ڳوٽ خدا آباد ۾ اڏيل آهي. جيڪو زائرين جي اچ وڃ جو مركز آهي ۽ مقامي اڏوت جو سهڻو نمونو پڻ آهي. اتان جا مقامي ماڻھو مائي خيري سان وڏي عقيدت ۽ محبت رکن ٿا.

 هيٺين لفظن جي معني لكو ۽ جملن ۾ ڪم آٹيو:

رائج، معذور، گهر جائو، طالب علم، نقش قدم، جٽاءُ، نيڪ نامي، لاڏاڻو

نمبر لفظ معني جملو
1. رائج  قائم / جاری
  • سعودي عرب ۾ اسلامي قانون رائج آهي.

  • اسان جو ملڪ پاڪستان اسلامي احکامن کي رائج ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو.

  • پاڪستان ۾ اردو زبان رائج آھي.
2. معذور اپاہج
  • اسان کي معذور ماٹھن جي مدد ڪرڻ گهرجي .

  • هر مسلمان جو فرض آهي ته هو معذور ماڻهن جي مدد ڪري.

3. گهر جائو ضرورت مند
  • گھر جائو ماٹھن جي مدد ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي .

  • غریبن ۽ گھر جائو ماڻهن جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آھي.

4. طالب علم شاگرد
علم کا طلبگار
  • طالب علم مستقبل جا معمار هوندا آهن.

  • هر غریب طالب علم جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آھي.

5. نقش قدم پیروی کرنا
  • اسان كي نيڪ ۽ پرهیزگار ماڻهن جي نقش قدم تي هلڻ جي کوشش ڪرڻ گهر جي.

  • اسان کي پاڻ سڳورن ﷺ جي نقش قدم تي هلڻ گهر جي.

6. جٽاءُ بقاء / دیرپا
  • دنيا جي شان و شوکت ۽ عزت كي جٽاءُ ڪو نهي.

  • هن فاني دنيا كي جٽاءُ ڪونهي.

7. نيڪ نامي نیک نام ہونا /
 مشہوری
  • هر هڪ ماڻهو كي پنهنجي حياتي بر ڪجھه اهڙو ڪم ڪرڻ گھرجي جو مرڻ کان پوءِ هن جي نيڪ نامي جو باعث ٿئي.

  • نيڪ ڪم ڪرڻ سان انسان جي نيڪ نامي ٿئي ٿي.

8. رحلت وفات
  • حضرت محمد صلي اللہ علیہ وسلم ۶۳ سالن جي عمري رحلت فرمائي.

  • قائد اعظم ۱۱ ستمبر سن ۱۹۴۸ء کي ڪراچي ۾ رحلت ڪري وئي .




9 comments:

  1. Maza nai arha

    ReplyDelete
  2. Will you make your own notes for the Sindhi subject class 10, because these aren't that interesting to me as much as your notes are.

    ReplyDelete
    Replies
    1. Education is the key to success29 June 2025 at 09:24

      Ok, we will

      Delete
    2. we'll wait...

      Delete
    3. we'll wait...

      Delete
    4. When are you going to make notes for Sindhi?

      Delete
    5. Education is the key to success9 July 2025 at 20:07

      We are currently collecting notes from different sources. Later, they will be typed or presented in handwritten format. We will start uploading them soon. Inshallah
      JAZAKALLAH

      Delete
    6. thesee are superb thanks a lot sir jazakAllah

      Delete
    7. Education is the key to success18 November 2025 at 09:54

      JAZAKALLAH

      Delete