Search This Blog

Thursday 10 October 2024

Sindhi For Class X - مضمون: ڪراچي شھر

Go To Index
مضمون
ڪراچي شھر

By Adamjee Coaching Center



Reference Book: Iqra


By Admin

ڪراچي شھر

ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر آھي. ھن جو پراڻو نالو ڪلاچي آھي. ھي شھر سنڌ جي ڳاديءّ جو ھنڌ به آھي.

ڪراچي شھر ھڪ وڏو صنعتي ۽ ڪاروباري بين الاقوامي شھر آھي. ھتي ھڪ وڏي "اسٽيل مل" آھي جيڪا ملڪ جي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھي آھي، ۽ ان کان علاوه، ھتي ٻيا سيمنٽ ۽ ڪپڙي جا به ڪيترائي مل موجود آھن

ڪراچي ۾ مشھور يونيورسٽيون ۽ ميڊيڪل ڪاليج به آھن، جھڙڪ ڪراچي يونيورسٽي، آغا خان يونيورسٽي، ڏوميڊيڪل ڪاليج، سنڍ ميڊيڪل ڪاليج، ھمدرد يونيورسٽي.

ڪراچي ۾ گھمڻ ۽ تفريح جي به ڪيتريون جايو آھن. ڪلفٽن، سفاري پارڪ، ڪيماڙي ۽ جانورن جو باغيچو۰ جتي روزاني ماڻھو ٻچن سان کڏ گھمڻ ايندا آھن. ڪراچي شھر مان وڏا وڏا خريداري جآ مرڪز به آھن جتي ماڻھو خريداري ڪندا نظر ايندا آھن.

قائد اعظم باني پاڪستان جي مزار به ڪراچي شھر ۾ آھي. رات ٿيندي تي ھر علائقي جي روڊ، رستن تي بتيون ٻري وينديون آھن جن سان ڪراچي شھر جي رونق وڌي ويندي آھي. ڪراچي شھر کي "روشنيون جو شھر" به چيبو آھي.

الله ڪراچي کي ھميشه امن امان سان آباد رکي. آمين




No comments:

Post a Comment